بهمڻ واهه

بهمڻ واهه: هي اڳوڻي ضلعي نواب شاهه ۽ هاڻوڪي ضلعي نوشهري فيروز جو پراڻو واهه هو، جيڪو ديهه ديهات جو گهڻو حصو آباد ڪندو هو. ان کان علاوه ڪنڊياري ۽ گنبٽ تعلقي جي ديهه ”خليفي مرياهه“ جي ڪجهه حصي کي پاڻي ڏيندو هو. هيءُ واهه روينيو ۽ سروي نقشن ۾ داخل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو